شاعران شيرين بيان قلمي

شاعران شيرين بيان (قلمي): هيءَ قلمي بياض سنڌ جي نامور شاعر مرزا عباس علي بيگ جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. هن بياض مان پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادريءَ گھڻن ئي گمنام شاعرن جا غزل پنهنجي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ‘سنڌي غزل جي اوسر’ ۾ شامل ڪيا آهن. هن بياض ۾ سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ جي قديم شاعرن جو ڪلام موجود آهي. جنهن ۾ عبدالقادر بيدل، مير صوبدار خان، مير شهداد خان، مير حسين علي خان، آخوند لطف الله لطف، سيد فاضل شاهه، رسول بخش راهي، محمد اسلم علوي اسلم، مخدوم محمد عثمان، ميان شير محمد قريشي شائق، ميان محمد يوسف مسڪين، خوش محمد خاطي شڪارپوري، ميان نور محمد نور ۽ سنڌ جي ٻين گمنام شاعرن جو ڪلام ملي ٿو. ڊيمي سائيز ۾ 120 صفحن تي مشتمل هي بياض اوڻيهين صديءَ جي آخر جو لکيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو